فقير شاهنواز نظاماڻي

فقير شاهنواز نظاماڻي

شاهنواز فقير نظاماڻي

شاهنواز فقير نظاماڻي: اديب، ليکڪ ۽ سماجي شخصيت فقير شاهنواز ولد حاجي علي نواز نظاماڻي سانگهڙ شهر ۾ 12 آگسٽ 1978ع تي جنم ورتو. ابتدائي تعليم ٿلهي شريف واري اسڪول ۾ ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول سانگهڙ مان حاصل ڪيائين. هن فرسٽ ايئر کان پير سيد صبغت الله شاهه شهيد ڊگري ڪاليج سانگهڙ ۾ پڙهڻ جي شروعات ڪئي. 2003ع ۾ اتان ئي ايم. اي اسلاملڪ ڪلچر ۽ 2006ع ۾ ايم. اي سنڌي ڪيائين. هن لکڻ جي شروعات 2007ع کان سلسليوار جهونگار، منصور ۽ راشد رهنما کان ڪئي. تحرير ۽ تاليف ۾ حر تحريڪ ۽ پير پاڳارا خاندان جون تاريخي خدمتون سندس موضوع رهيون. سندس پهريون ڪتاب ‘سائين پاڳاري جا خطاب'>پير سائين پاڳاري جا خطاب’ حر هسٽاريڪل سوسائٽي سانگهڙ طرفان 2010ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو هن مشتاق نظاماڻيءَ جي مددگاريءَ ۾ ترتيب ڏنو. سندس ٻيو ڪتاب ‘پير صاحب پاڳارا- حقيقي سياست ڪي امين’ (اردو) 2011ع ۽ ٽيون ڪتابپير پڳارو- محسن ملت اور اهل قلم’ (اردو) 2012ع ۾ حر هسٽاريڪل سوسائٽي سانگهڙ طرفان شايع ٿيا. شاهنواز فقير 2005ع کان 2010ع تائين يو. سي سانگهڙ-I جو ڪائونسلر رهي چڪو آهي. هن وقت حر هسٽاريڪل سوسائٽي سانگهڙ جو جنرل سيڪريٽري آهي ۽ هڪ علمي ادارو ‘اسڪول آف ٿاٽس’ (مدرسه افڪار) سانگهڙ ۾ قائم ڪيو اٿائين، جنهن جو پاڻ وائيس چيئرمئن آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.08.12  عيسوي

فقير شاهنواز ولد حاجي علي نواز نظاماڻي سانگهڙ شهر ۾ 12 آگسٽ 1978ع تي جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهنواز فقير نظاماڻي
حمـيـد سـنڌي
ڌاريجو علي حسن
اندرا واسواڻي
پوپٽي هيراننداڻي
ساجده پروين ڊاڪٽر
روشن علي تنيو
شمس الدين قريشي
نصير سومرو 2
پٺاڻ غلام حسين ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون